چڪلي مول

چڪلي مول (ماڳ): چڪلي مول ماڳ، ديهه مول، تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ اتر ويڪرائي ڦاڪ 250 24' 55" اوڀـر ڊگھـائي ڦاڪ 670 27' 87" ڊگرين تي موجود آھي. هي ھڪ ٻئي کان الڳ کتل پٿرن جي دائري وارو ماڳ آھي، جنھن ۾ ھن وقت 9 پٿر موجود آھن ۽ پنج ماڳ تي موجود نه آھن، جيڪي اکڙي يا کڄي ويا آھن. اھڙيءَ ريت دائري ۾ ڪل چوڏهن پٿر لڳل ھئا، جن جو قطر 13 ميٽر آهي ۽ اُهي 43 ميٽرن جي ايراضي والارين ٿا. ھڪ پٿر جو ٻئي پٿر کان وچ وارو فاصلو 2.25 کان 2.40 ميٽر آهي. اوسي پاسي ڪابه ثقافتي وٿ ڪانه ٿي ملي. اڃا تائين اھا خبر نه پئجي سگھي آھي ته هن قسم جا دائرا ڇو ٺاھيا ويا آھن. ٿي سگھي ٿو ته اھي ڪي مذھبي يا ثقافتي اھڃاڻ ھجن. هن قسم جي دائرن کي انگريزيءَ ۾ Henges سڏبو آھي.


لفظ چڪلي مولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو